عِبادَتَ بابت
معنيٰ
پُوڄا، بندگي، نمازَ، سَجدو، تَسبيح، طاعت، ڀڳتي، اِطاعت.
Worship, adoration.

بيتن ۽ وائين ۾
- مُلِهہ مَھانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھادَتَ، اَسان عِبادَتَ، نَظَرَ نازَ پِرِيَنِ جا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جِي، ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو ھَلَڻُ ۾ حَيرَتَ، عَجَبُ عِبادَتَ، پَھُ پَرُوڙَڻُ اُنِ جو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ، سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ، فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي، ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي، اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- مَنُ مَڻِڪو تَنُ تَسبِيحَ، دِلِ دَنبُورو جَنِ، تَندُون جٖي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ ساڻُ وَڄَنِ، وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِھو…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]