شاخَ بابت
معنيٰ
وڻ جي ٽارِي، لام، ڏار. سِلسلو، نَسل. ڀاڱو، حصو.
A branch.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٻيلي پارِ ٻُرِي، مُون کي چَڙَنِ چورِئو، مُحبَتِيءَ ميھارَ جِي، سُتِي شاخَ چُريِ، مَٿي جهوڪَ جُهرِي، پُوندِيَسِ پاڙيچَنِ جي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- وِندُرَ جَنِ وَڻَنِ سين، ڪِيَمِ سَھِسين سُکائُون، پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، اَچان جَي آئُون، وَرَندي وَچائُون، ڏِيان شاخَ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي، اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]