سِيرُ بابت
معنيٰ
رستو، راھ، واٽ، سڙڪ، دَڳ، مارگُ، سَڳَرُ، سيرو، پيچرو، گَس، گذر گاه، لنگهہ.
Good conduct or disposition, morality, uprightness, honor, virtue.
بيتن ۽ وائين ۾
- پيرَ پَٽايِئن ڪُونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي، ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، سِيرُون ٿِئا سي، جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پُري پُنهونءَ ڏي،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- اِجلِس ڪَري اُٿِئا، تَنوارِئو توڏَنِ، نَومَ نَوازي تَنِ کي، مَرحَبا موڏَنِ، رِڙِھِي رَسُ روڏَنِ، اليَومَ سِيرُو سَسُئِي.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون، سِيرُون ٿِئَڙا ڇَپَرين، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ…[ سُر حسيني - وايون ]
- اُجِهئو تَنِ نَہ ٻُجِهئو، ويٺي گَڏِيُنِ وِيرُ، لَٿو تَنِ لَطِيفُ چئَي، جُسي جو زَنجِيرُ، ڪِينَ ڏِٺو ڪاپَڙيين، ڪابُلُ ۽ ڪَشمِيرُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- نَہ ڪي ڏَؤُنرا ڏيھَ ۾، سَرَتِيُون نَہ سِيرُ، ڪوٺِيين ڪُٺِي آھِيان، ٻِئو زوراوَرُ زَنجِيرُ، مارُو سارِئو مِيرُ، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]