سَلامُ بابت
معنيٰ
سلام عليڪم جو اشارو، تسليمات، پَرڻام، نمسڪار، تسليم، آداب، سُواگت. امن امانُ، سُکُ، سلامتي، رِکيا، رَکشا، بچاءُ، حفاظت. ڪَلياڻ، جمعيت، شانتي، قرار. موڪلاڻي، الوداع، خدا حافظ، رخصت، آسرو الله جو.
Salutation, peace, safety.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ، ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- مِٺايان مِٺو گهَڻو، ڪَڙوۡ ناھِ ڪَلامُ، سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو، اُنِ جي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِٽِيءَ لَڌو مانُ، ڪوڙيِين ڪَنِ سَلامُ، آڳَھِ اَچِئو اُنِ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ، ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]