سَرَھائِي بابت
معنيٰ
خوشي، راحت، جَشَنُ، مؤجَ. لطف، فرحت، لذت، مزو. ڀوڳ بُلاسُ. وندر. ذؤق. تازگي. چڱڀلائي.
Happiness, gladness, gaiety, pleasure.
بيتن ۽ وائين ۾
- توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري، جِيئَن وَڻِجارِي سين وَکَرين، تِيئَن مان گهَرَ سَرَھائِي، سَڄَڻُ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- وَرِئو واءُ وِصالَ جو، ڏيرَنِ ڏِھائِي، مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھائِي، اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سَرَتِيُون سَرَھائِي، ڪَڏِھِين مُون ڪا نَہ سُئِي، ڏِھاڙِي ڏيرَنِ ۾، وَڃَڻَ جِي وائِي، آئُون ھَڏِ نَہ ڄائِي، تَہ عَيبُ نَہ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]