رَوئَي بابت
معنيٰ
روئڻ جي حالت، ڦٿڪي، اکين مان ڳوڙها ڳاڙي، ھنجون ھاري، کبرا ڪري
Weeping, crying
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي، مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ٻِيُون سَڀَ گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ رَوئَي ۽ راتِيان گِهڙي، وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن، ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪالُهون پوءِ پِرِينءَ کي، رَوئَي مَٿي راھَ، وِيُسِ ٻاروچو نِڪِري، سُورَ چَکائي ساءُ، گَهٽَ ۾ لَڳُسِ گهاءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو، راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن، ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]