رَوئَي جي سنڌي معنيٰ
روئڻ جي حالت، ڦٿڪي، اکين مان ڳوڙها ڳاڙي، ھنجون ھاري، کبرا ڪري
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Weeping, crying
رَوئَي جا بيتن ۾ حوالا
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،
وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي،
مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 5 ]
وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي،
مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 5 ]
ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو،
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 19 ]
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 19 ]
ٻِيُون سَڀَ گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ رَوئَي ۽ راتِيان گِهڙي،
وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن،
ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ وَسايا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 21 ]
وَھِ پَيو واھُڙَ تَري، ڪِي نِماڻِي نِينھَن،
ميڙائي جا مِينھَن، ويچارِيءَ وَسايا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 21 ]
ڪالُهون پوءِ پِرِينءَ کي، رَوئَي مَٿي راھَ،
وِيُسِ ٻاروچو نِڪِري، سُورَ چَکائي ساءُ،
گَهٽَ ۾ لَڳُسِ گهاءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 6 ]
وِيُسِ ٻاروچو نِڪِري، سُورَ چَکائي ساءُ،
گَهٽَ ۾ لَڳُسِ گهاءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 6 ]
English Meaning
Weeping, crying