خُوابُ بابت
معنيٰ
ننڊ ۾ ڏٺل نظارو، سَپنو، رُؤيَا. نِنڊ، اُنگهَہ، آرام. خيال، تَصَور، ويچار، وهم، گُمان. بِشارت.
Dream, vision.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ، نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ، جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- مِيمَئُون مِلَڻُ حَقَ جو، اَصلِ آديسيَنِ، جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، چوکِيءَ چالِ چَلَنِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، مَنجهان حُبَ ھَلَنِ، إِنَّ ٱللَّهَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- سُمَهڻُ تَنِ ثَوابُ، جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سين، نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ، اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ…[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- نَہ خَبَرَ نَہ خُوابُ، نَڪو اوٺِي آيو، ھُتي جَي ھِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونَہ جَوابُ، حَمِيرَنِ حِسابُ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]