Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر آسا جَي من، گولو ۽ جنڊ جو بيت
سُمَهڻُ تَنِ ثَوابُ، جي ٿِئا حَلُ حَبِيبَ سين،
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين، خُوشِ ڪِئائُون خُوابُ،
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِي دُورِ ٿِئو.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيڪي (عارف) پاڻ ’فنا‘ ٿي محبوب سان ملي هڪ ٿي ويا، تن لاءِ ننڊ ڪرڻ بہ ثواب جو ڪم آهي. هنن پنھنجي اکين کي ننڊ جي اهڙي عادت وجهي ننڊ کي وڌيڪ خوشيءَ ۽ فرحت جو باعث بنائي ڇڏيو آهي. تڏهن انهن جي دلين ۾ ڪنھن عذاب جو انتظار نٿو رهي، (عذاب جو خوف خطرو ختم ٿي وڃي ٿو).
[مثنوي روميءَ ۾ هن مطلب وارا ڪيترائي شعر ملن ٿا:
بس عجب در خواب روشن مي شود،
دل درون خواب روزن مي شود،
آنکه بيدارست و بيند خواب خوش،
عارف ست او خاک او در ديده کش.
(دفتر دوم، بيت 2235-36)
معنيٰ: بس هو ننڊ ۾ ڪيتريون عجيب شيون ڏسي ٿو (ڇو تہ) ننڊ ۾ سندس دل روشندان بنجي وڃي ٿي. پر جيڪو سجاڳيءَ جي حالت ۾ سٺو خواب ڏسي ٿو، اهو پڪ سان عارف آهي ان جي پيرن جي خاڪ اکين ۾ وجهہ]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود آسا، بيت نمبر : 3582
سُمَھَنُ تَنَ ثَوَابُ جٖين ٿِئَا حَلُّ حَبِيْبَ س﮼﮶
نٖيْنَ هٖيْرَاءِ نِنڊَّ س﮼ خُشْ ڪِئَاءٌ خَوَابُ﮶
اُوْسِيْرُوْ عَذَابُ دِلِئَا تَنٍ دُوْرِ ٿِئُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सुमहणु तनि सवाबु। जे थिआ हलु हबीब सें।
नैण हेराए निन्ड सें। ख़ुशि किआऊं ख़वाबु।
ओसीड़ो अज़ाबु। दिलिआं तनी दूरि थिओ॥
ROMAN SINDHI
Sumhann'u tan Sawab'u, je thiya Hal'u Habeeb'a seen,
Nainn'a heraye ninDH'a seen, Khush kiyaoon Khuawab'u,
Oseearro AZaab'u, dilyaan tanee door thiyo.
TRANSLATIONS
To those persons who are one with the Beloved, sleep is permissible, nay, it is a good act done by them. Actually they have trained their eyes to sleep and enjoyed good sleep, (but they keep conscious). In sleep too they are in communion with Allah, as per a tradition. Their minds are in fact relieved of all worldly worries and sorrows.
On them shall come no fear, nor shall they grieve. (170, Al-lmran).
Note: The tradition cited below the following verse is relevant.
Those in union with the loved one,
peacefully sleep,
They close their eyes their sleep is deep,
From all worries and troubles they are free.
الذين اختلطوا وتوحدوا مع الحبيب يجوز لهم النوم.
والنوم لهم ثواب عودوا عيونهم على النوم وناموا نوما حلوا.
لقد زالت الكروب والهموم من قلبوبهم.
بجانانِ ہر کہ یکجا شد، ثواب از خفتن آن یابد
غنودہ چشم او بس خواب خوش اندر کنار آرد
عتاب آید نہ بر حالش عذاب افتد نہ بر جانش
بلی زندہ دل آن کس خویشتن را در قرار آرد
ہوگئے حل جو حبیب میں، ان کی نیند ثواب،
نیند کے ماتے نیناں دیکھیں، پل پل خوشی کے خواب،
ہجر کا ہے جو عذاب، دور ہے ان کے دل سے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڏو جو اِثباتَ کي، سو…
- (بيت) اَللہُ سُڃاڻَڻُ سُٿِرو، جي ھِنيُون…
- (بيت) اَوَڳُڻِ رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين…
- (بيت) اَوڳُڻِ رُسي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين…
- (بيت) اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو…
- (بيت) جَنڊُ وَھي جِيئَن ڪَري، مَٿي…
- (بيت) جَنڊُ وَھِي جِيئَن ڪَري، مَٿي…
- (بيت) رُٺي جا رِھاڻِ، سا پَهني…
- (بيت) رُٺي رَھي نَہ رِيتِ، پَرچَڻُ…
- (بيت) زاھِدَ عابِدَ اورِيان، عارِفَ عَينُ…
- (بيت) سُتوئِي سيڄَ گُهرين، جَفا ڏيِين…
- (بيت) سُتوئِي سيڄَ گُهرين، جَفا ڏيِين…
- (بيت) سُتي جَا ساڃاءِ، سا جاڳَندي…
- (بيت) صُلِحُ جَنِ سَڄَڻَ سين، سيڄَ…
- (بيت) ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو، ڪَنِي مَنجهان…
- (بيت) ماري ڪُٽي مُون، ھِنَ وِھِٽَ…
- (بيت) مَنُ مَڻِڪو تَنُ تَسبِيحَ، دِلِ…
- (بيت) مُون کي مُون پِرِيَنِ، ميرِي…
- (بيت) مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي…
- (بيت) واڳِئا جي وَجَهہ سين، رَبُ…
- (بيت) وَڏِي تان اِنَ واٽَ ۾،…
- (بيت) پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، تَفرَقو…
- (بيت) پِئو جو پاتارِ، سو ڪِيئَن…
- (بيت) پِٿُون پَرُوڙي جَنِ، جَرا ھَڻِي…
- (بيت) ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، ڦِڪِي…
- (بيت) ڪِجِ طَرِيقَتَ تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ،…
- (بيت) گولو توءِ غُلامُ، جَي فارِسِي…
- (بيت) گُندِيءَ نِينھُن نَہ سَپَجي، تُهہ…
- (بيت) گُندِيءَ نِينھُن نَہ سَپَجي، تُھِ…
- (بيت) ھَرَ ھَرَ ھوءِ ٻِئو، رَنگُ…
