خَطِرا بابت
معنيٰ
خوف، ڊپ ڀؤ، ڏَر، ڊڄ، انديشا، جوکا، آفت، دُشواريون، سختيون، وَسوسا، حِراس.
Dangers, risks. Perils, hazards.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو، وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ، خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ھارِيۡ رَکِجِ حَقُ، سانڀارا ساھَڙَ جو، خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ، ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- دالَئُون دُونھُون دَردَ جو، دِلِ ۾ دُکائِينِ، آڻِئو آڳِ عِشقَ جِي، چَقمَقُ چُهٽائِينِ، جِيءُ پَنھِنجو جوشَ ۾، پَل پَل پَچائِينِ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]