حِسابَ بابت
معنيٰ
ليکو، ڳاڻيٽو، ڳڻپ، شمار، تخمينو، انداز، جاچ، پڙتال. انگن جو علم، علم رياضي، حساب ڪتاب، انگي حساب زباني حساب، سليٽي حساب. اگهہ، قيمت، نرخ، بھا، قاعدو، ڍنگ، طور، طرح، نمونو.
Calculation, reckoning, account, arithmetic.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ، نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو، حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ، ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري، وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري، ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ماڙِيءَ چَڙِهئو مي، ٿِي ھَڻي حَرَفُ حِسابَ جو، جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي، ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُنھِن ميرِيُون مييُون، ڀاڪُرُ پائي ڀَنِ کي، پاڻِيءَ ۾ پييُون، جي سَمي سامَ وييُون، تَنِ تان لَٿو…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]