جهيڙو بابت
معنيٰ
جهڳڙو، ٻِتاڙُ، ويڙِهِ، مانڌاڻُ، مقابلو، معاملو، فساد، جنگ، دنگو.
Quarrel, dispute.
بيتن ۽ وائين ۾
- جهيڙو لاھِ يَزِيدَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين، ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون، جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون، مُنھُن نَہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ وِڙَھڻَ جا، اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ، جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]