جاڙُون بابت
معنيٰ
ڏاڍائيون، ڏاڍيون، جُٺيُون، تعديون، زبردستيون، ظلم، زوريون، سختيون.
Uselessly, fruitlessly
بيتن ۽ وائين ۾
- جَتا شالَ جِيو، جِيو ٿا جاڙُون ڪَرِيو، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٻيلِي ناھِ ٻِئو، ڇِنَڻُ تان نَہ پِئو، ھِيءُ سَڱُ…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ڇَپَرَ جا سِينگارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي، ڏُونگَرَ تُھان ڌارَ، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جالَ، سوڍا مُون کي ڪالَهہ، وٽِي مُنھَن ۾ آيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جٖي، سوڍا مُون کي سي، موٽِي مُنھَن ۾ آيون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جِتِ، سيئِي مُون کي تِتِ، موٽِي مُنھَن ۾ آيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]