بيحَد بابت
معنيٰ
جنھن جو ڇيھُ نہ هجي، بي انت، لاانتھا. تمام گهڻو ، بي حساب ، بيشمار.
Boundless, endless, limitless.
بيتن ۽ وائين ۾
- آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي، ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ، چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ، بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ، سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- تُون صاحِبَزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نَوڪَرُ، بيحَد ڪَرِيان بَندَگِيُون، ھَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ، ڇَنِ ڇَڏِيندُسِ ڪِينَڪِي، دوسِتَ تُنھِنجو دَرُ، مُون تان…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]