اولي بابت
معنيٰ
ڪاٺ جي ڊگهي لڪڙي (جنھن سان ٻيڙين جي پاسن کان پاڻي پري ڌڪبو آھي تہ ٻيڙيون اڳتي ھلنديون آھن.) ونجهہ، چپو.
Oar. Pole with a flat blade, used to row or steer a boat through the water.
بيتن ۽ وائين ۾
- کُوھا ڪالَهہ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسِري، اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي، وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، اوتِيائُون عَنبِيرَ، مَهِنديين مُهِري مُصطَفيٰ، اولي ويھُ اَمِيرَ، لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، اَڳِيان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ، بَرِڪَتَ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي، سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا،…[ سُر سامونڊي - وايون ]