آگو بابت
معنيٰ
ڌڻي، مالڪ، آقا، خدا
Master, God
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سين، کانڌِ کَٿورِي ھوءِ، وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ، آگو ايِنهِن چوءِ.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ھُو چونِئِي تُون مَ چَئُہُ، مَنُ ماري ڪَرِ مُوءِ، ڪَڍُ دَغائِي دِلِ مان، ھاگا مان ۽ ھُوءِ، تَہ آگو سَنجِهہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ نَمَنِ اُنِ کي، آگو اَمُنُ اُنِ ڪَري، جي اِنَهِينءَ ڀَيءِ ڀَڄَنِ، اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]