آرُ بابت
معنيٰ
وهڪري جي چوطرفي تيزي يا ڇِڪَ جا سمنڊ ۾ واءَ ۽ درياءَ ۾ اونهي کڏ سبب ٿئي، جنھن ڪري پاڻيءَ جو وهڪرو ڦيرو کائي هڪ جاءِ تي پيو ڦرندو آهي. درياءَ يا سمنڊ ۾ ڪُن پيدا ڪندڙ.
The strong current of the stream rushing against and washing away the bank. Endearment, coaxing, importunate teasing of a child.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڪَنبي ھِنيُون ڪَماحَقَّہٗ، آرُ پَسِئو اَرواحُ، دِلِاسي دارَينِ جي، سانچِئو سانچي ساھُ، جَي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جيڏاھَن چِتَ چاھُ گهَڻو، آرُ پِہ اوڏاھِين، وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين، ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- پَسُ پَسَڻان پَري ٿِئا، اوري آرُ سَندونِ، ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلونِ، دَرياھَ ريءَ ساھَڙَ کي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- پَسُ پَسَڻان پَري ٿِئا، اوري سَندُنِ آرُ، دَرياھَ ري سَھاڙُ، ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ، آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ، سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ، پَلُرُ پِيارينِ،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]