ھِڪَ بابت
معنيٰ
هڪ جو انگ، هڪڙِي، ڳاڻيٽي جو عدد، ايڪو.
One, lovely, first number in counting.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪَ تُراڙي گُناھَ، سَڀَيئِي سَنوارِئا، پاڻِيءَ پارِي ناھِ ڪا، نَہ ڪا ويساندِ واءَ، کاڌِي لَرِزَ لَطِيفُ چئَي، سَبَبَ اُنَ جي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- وَڃي ڪُنَ ڪَپِيندِي، سُهِڻِي مَنجهان سِڪَ، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسي ھِڪَ، مَحبَتِيءَ ميھارَ جِي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- جَي سِجهائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي، پِيتائِين پُنُوھَ کي، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ، اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَسُئِي سَڄِيائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي، سَڄُئِي پيتائِين پُنُوھَ کي، ھَئَي نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ، اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پَسِي جهاجِهہ جَمالَ جِي، جَنِي پِيتِي پِڪَ، اَپَرِ اَڳانجهو ٿِئو، سُورُ اُنِهيِين کي سِڪَ، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَنِ ھِڪَ، سَدا سائِرَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پاڙي ناھِ پَروڙَ، تَہ ڪا راتِ رَنجائي گُذِرِي، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهائي وِڌِي گهُورَ، ھِڪَ سَسُئِي ٻِئا سُورَ، وِئا پِٽِيندا…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڏُکَ رُئان سُورَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، اَڌَمِئو آڌِيءَ راتِ جو، پُومِ پَلَٽِئو پُورَ، ھِڪَ آئُونُ مَعذُورِ، ٻِئو ھَٿان مُون ھوتُ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مِيين ۽ مَڱڻي، ڪا جَا ڳالِهہ ڳُجِهي، سا ٻائِنِ دائِنِ ٻانِهنِ، سوجهي تان نَہ سُجِهي، پِئا وِيرَ وِماسَ ۾، عاقِلَ…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ويٺو مَنجِهہ وِرگهَہ، لَڪِئو ٿو لاتِيُون ڪَري، پِرِيان سَندي پارَ جي، ڳالِهہ نَہ سَلي ھِڪَ، سُپيرِيان جي سِڪَ، تَنَ ۾…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]