ڳِيَڙءِ بابت
معنيٰ
تو ڪُڇو آ، تو چَيو آ، اچاريو، تو ورتو آ. (چوڻ اُچارڻ، چَوَڻ)
If you utter, if you call
بيتن ۽ وائين ۾
- پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ، سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين، سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، اَنگُهنِ جِيءُ اَڙاءِ، جانۡ نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- تو سين ٻولَ ٻَھُون، سَھِسين ساڄَنُ جي ڪَري، ڪَندِينءَ توءِ ڪَھُون، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]