ڳَنُ بابت
معنيٰ
مُٺيو، دستو، هٿو، هٿيو. ڪَرڻَ ڪنھن بہ اوزار جو هٿ ۾ جهلڻ وارو حصو، ڏاند گاڏيءَ جي اڳ واري ڊگهي ڪاٺي جنھن ۾ پاڃاري ٻڌجي، پول. (ٻيڙيءَ جو هڪ اوزار، ٻيڙيءَ هلائڻ لاءِ ڪاٺي، اولو ڍونڊيءَ ۾. هاليسو هوڙي ۾، چَپُو، ڪُڙهيءَ جي زه ۾ وجهي ڇڏ)
Handle, holder, controller, steer

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾، پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ، عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- مَوتَ مُندَ نَہ آھي، تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، وڌائِين وَڍَڻَ لَيءِ، ڳَنُ ڪُھاڙِيءَ پاھي، اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،…[ سُر آسا - وايون ]