ڪُوڪارَ بابت
معنيٰ
رَڙِ ڪُوڪَ، دانھن، رِيھَ، ڪِيھَ، ٻوڪَ، ڪُوڪَر، ريھاڙ.
Cry, lound noice, roar.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- نَہ ڪُتا نَہ ڪُوڪارَ، نَہ سي سَڏَ شِڪارِيين، پِٽِئو کَڻي پَارَ، جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ڪُتي سُئِي ڪُوڪارَ، سُتي شِڪارِيَنِ جِي، ويچارو وَسِ نَہ پانھِنجي، حِيلَنِ ڪَري ھَزارَ، ڌَڻِي ڪَرِ مَ ڌارَ، ھِنَ لاکِيڻِيءَ لوڌِ…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]