ڪُتي بابت
معنيٰ
هڪ گهرو پالتو جانور، ڪلبُ، سَگُ. اصطلاح غلام، بندي.
Dog

بيتن ۽ وائين ۾
- جاڳاياسِ زَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي، بَھِي بَھُڪِي اُٿِئو، گِهڏِي مَنجهان گهُورَ، سَڀَ لاھِيندو سُورَ گِرِي ھِنَ غَرِيبِ تان.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ، چُھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارائي جي ڪَنَ ۾.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ماٺِ ڪِئو مارِينسِ، ڪُڇَ ڪُتي سين ڪِينَڪِي، پائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس، سا پَرِ سيکارِينسِ، جِيئَن بَھَڻَ کان…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- جَنِي سَندو ڪُتو، سي جَي چُونِسِ آءُ، لُڙُ لَهرِيُون واءُ، ڪُتي سَڀَ قَبُولِئا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪُتي سُئِي ڪُوڪارَ، سُتي شِڪارِيَنِ جِي، ويچارو وَسِ نَہ پانھِنجي، حِيلَنِ ڪَري ھَزارَ، ڌَڻِي ڪَرِ مَ ڌارَ، ھِنَ لاکِيڻِيءَ لوڌِ…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- اللهَ ٻاجُهن ڪَؤنُ ساٿِي، ڦِرندِي آئِي، مَين چُپ چُپاتِي، سِڪَ شاھَ رانجَهنِ دِي مِيان، ڏِينھان جو راتِين، آکي لَطِيفُ فَقِيرُ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]