ڪَمالُ بابت
معنيٰ
ڪماليت، ڇيھُ، حَد، انتھا، پُڄاڻي، دنگ. عجب ۾ وجهندڙ ڪم، حيرت ۾ وجهندڙ ڪم، حيرت انگيز، عبرتناڪ، حيرتناڪ. عمدگي، سهڻائي، سٺائي، اوچائي. وصف، خاصيت، خوبي، گُڻ، جوهر، فضيلت. هُنر، گُڻ لياقت، قابليت، ڪرتب. صفت. هر لحاظ سان مڪمل،
Peak, topmost, top limit, amazing, wonderful
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ، پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ، پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوجهو ٿئمِ ڪَمالُ، وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، ھِھَڙو وَٺِي حالُ، جَي مُون ڏيِين جَمالُ، تَہ پَسان مُنھُن…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]