ڪَتُ بابت
معنيٰ
ڪَرت، ڏاس ڪَت ، ڪپھ، سِڻِي وغيرہ کي ڍيري يا چرخي وسيلي. وڪڙ ڏيئي ڌاڳو تيار ڪر، سُٽ تيار ڪر، ڌاڳو ٺاھ.
Spin. Make threads from cotton or jute.
بيتن ۽ وائين ۾
- آتَڻِ چَونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري، پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- جانۡ ڪَتَندِينءَ تانۡ ڪَتُ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪو پَنھِنجي عِيدَ لَيءِ، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ، مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڀَڳوئِي ڀيرِ، جانسِينءَ رَتو راس ٿِئي، بُرِيءَ بيڪارِيءَ سين، ھارِي ھَڏُ مَ ھيرِ، ڪَتُ ڪَتَندِيُون ڪيرِ، نَئين سين نِڃاڻِجي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- مَڇُڻ ڀاڳَ ڀَرُ ڏيِين، ڪَتُ ڪَبَندِي آءُ، جَڏھِن تَڏِھِين ماءِ، ڀِرَنِ ڀيرَمَ وارِيُون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]