ڪوٺِئو بابت
معنيٰ
سَڏائي، دعوت ڪري، ڪانڍَ ڏيئي، سڏ ڪري، نِينڍَ ڏيئي، شادي وغيرہ جي سَڏ ۾ آڻي. حاضر ڪرائي، شنوائي تي آڻي.
Invited, called
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کي، لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري، ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي پِياري پاڻَ، ڪَرَھو تي پاڻِي پيئي، اَڳي اِنَ نَياڻَ، اَڻَ ڪوٺِئو ڪو نَہ گِهڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ڪَڏِھِين تاڪِيُون ڏِينِ، ڪَڏھِين کُلنِ دَرَ دوسِتَنِ جا، ڪَڏِھِين اَڃان اَچَڻُ نَہ لَهان، ڪَڏِھِين ڪوٺِئو نِين، ڪَڏِھِين سِڪَھُون سَڏَ کي،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- مُون کي ڏِنَڙو دوسِتَ دِلِاسو ڀَلو جيڏِيُون، ڏِنَڙو يارَ دِلِاسو، جُڙِي آھِيان، ھيڏانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪيڏانھَن وارايان پاسو، ھَنڌَ حَويلِيُون…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو، سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان، راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾، توتي ريڌو راءُ.[ سُر ڏھر - وايون ]