ڪوسو بابت
معنيٰ
گرم، تَتل، گرمائو، تَتو، ٻاڦِيل، تامشي. تَتو هَتو.
Hot, warm.
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو، اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ، طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ، رَسِئو سُورُ شَبانَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لَڳُ مَ لُڪَ، اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ، جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- تان مُون ڀينَرُ ڀَئي ناھِ ڪا، جان آرِياڻِي اَڳَ، ڪوسو ڪوھِيارَلَ جي، واءُ مَ لَڳي وَڳَ، ٻِئا پُڻِ جَتَنِ جَڳَ،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ، ڇَپَرِ ڪوسو واءُ، ھَريا تو نيڻَ ٿِئا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪَونئُروءَ ڪوسو چاڙِھئو، تُون لِيلان پَنھنجو لاھِ، سَندي ھارَ اُھاءِ، وَڃِي اورِ اَرِٽَ سين.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- تاسِريءَ تيلُ پِئو، ڪوسو چَڙِهئو چُلِهہ، راتِ ھُئين ڪَنھِن مُلِ، آءُ لِيلان جا وَلَها.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]