ڪاٿَي بابت
معنيٰ
ڪاٿُون، ڪاٿئين
Where, there
بيتن ۽ وائين ۾
- يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي، دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ، جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- نَہ آدَمُ نَہ حَوا ھو، نَڪِي خَلَقِيو، ڪاٿَي ھو تَڪِيو، تَڏِھِين تُنھِنجي رُوحَ جو.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- وَڇُنِ سين ويٺِي، سُورَ وِياڇي سُهڻِي، آن ڪاٿَي ڏيٺِي، مِينھِيَنِ جٖي ميھارَ سين.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو، ڪَنِي مَنجهان ناھِ، صُباحَ وِچِ وِھانءِ، ڪاٿَي ھُوندو ڪَنِ سين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا. ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ. ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.…[ سُر گهاتو - وايون ]