ڪانءُ بابت
معنيٰ
ڪانگ پکيءَ جو هڪ قسم، ڪانگُ، ڪانگَلُ، ڪانگڙو، زاغ.
A crow.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَٿان مَنَھَن مُنھِنجي، ڪَنھِن اُڏايو ڪانءُ، ڳِنِهِي آيو ڳالِهڙِي، سَندِي سُپيرِيان، جيڏِيُون جاڙَ ڪِيانءَ، سومِ ھُوندَ سَنِيھَڙو.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪُتو جي ڪانءُ، پِريان سَندي پارَ جو، اُنِهين مَٿان آنءُ، ڪوڙِ ڀيرا قُربانُ ٿِيان.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- اَندَرِ وِھارِيين ڪانءُ، ٻَھَرِ ٻولِي ھَنجَ جِي، اِھَڙو ٺَلهو ٿانءُ، ڀَڃي ڀورا نَہ ڪَرِيين.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- ڪانءُ ڪوھُ پَرُوڙي، ڪِ پَڙِهئا گَڏَھَ ڪِتابا، اَنڌو آھِيڙِئا، مَرُ دَخُلُ ڪَري دانگِيءَ ۾.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]