ڪافِرَ بابت
معنيٰ
خدا کان ڦريل، خدا جو منڪر، ڪُفر ڪندڙ. معشوق، صنم، من، دلرُبا. ظالمُ، شوخُ، بي رحم، ڪَٺورُ، سنگدل، جفاڪشُ.
Idolator, infidel, impious person, heretic.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَھلِبَيتَ آيا، ماري مِصرِيُنِ سين، اُنِ ڪافِرَ ڪَنبايا، سَچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، اِھَڙا سُورِھَہ سُپِرِين.[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- لِيبي لَعنَتِيءَ کي، آڻِيءَ ۾ آھي، اَنڌو مُون عَلِيلَ تي، سِينو ٿو ساھي، عَلِي شاھَ اَچيجِ تُون تَنھِن ڪافِرَ تي…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- روزا ۽ نَمازُون، ڪي ڪُذاتِي ڪَنِ، پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، ڪافِرَ ٿِي پَڙَهنِ، اَسِين مَنجهان تَنِ، جَنِ بيٺِ نَہ ڏِني…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]