ڪاتُ بابت
معنيٰ
وڍڻ ڇُرو، وڏي ڪاتي، خنجر، وڏو ڪَپُ. هٿيار جو هڪ قسم.
Large knife, dagger, butcher's cutting tool.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَڏِھِين پَئِجي ڪَنُ تي، ڪَڏِھِين ٿِيجي واتُ، ڪَڏِھِين ٿِيجي ٻَڪِرو، ڪَڏِھِين ٿِيجي ڪاتُ.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪوھِيارو ٿِي ڪاتُ، مُيُون مارَڻَ آيو، ھوءِ مَرُ ھوتُ حَياتُ، آئُون مُيائِي تَہ خُوبُ ٿِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ نَہ مُنھِنجي واتُ، لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، ڪِينَرَ مَنجهان ڪاتُ، ھَلَڻَ کي ھَيھاتُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا،…[ سُر رامڪلي - وايون ]