ڪائو بابت
معنيٰ
شيشو، ڪَچُ، ڪانچُ، ڪاچُ. آرسي.
Glass, a glass.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي، پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ، لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- وِئا جي عَمِيقَ ڏي، مُنھِن ڪائو ڏيئِي، تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍِيُون، پاتاران پيھِي، پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيُنِ سين.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- اَگهِئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي، پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نَہ وَڻِجِئا، سِيھي جو سَيِّدُ چئَي وَکَرُ وِھايومِ، ھِھَڙو حالُ سَندومِ، توھِ تُنھِنجي اُبھان.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- سُڪِي ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنو ڪائو، پاڻِي پَٽِيهَلَ ۾، اَڳِيُون نَہ آئو، ماڻُهنِ ميڙائو، ڪَنِي ڪَني ڀيڻِيين.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]