کاڌا بابت
معنيٰ
کاڄَ، کيڻ، طعام. غذائون، خوراڪون، قوت، گذران، خورش. چوڳا، چُوڻا. چارا، آهار. ماني، پيٽ، وِرا.
Foods, eatables, provisions, victuals, messing, messing expenses.

بيتن ۽ وائين ۾
- داتا سَندي دَرَ تي، پَلَيءِ پاتائُون، وَٽِئائِين جي وِڙَنِ سين، اَمُلَ آندائُون، کَنڊُون کاڌائون، پائي چَڪُ چانئُٺِ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيَنِ کي، سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُھ ڏِٺو مُنھُن مَحبُوبَ جو.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- نِينھَن سِيچاڻي، سِينھَن، ٽِنهِي قَصَدُ ڪَبابَ سين، راتِ کاڌائُون ڏِينھَن، تَہ پُڻ ڀُڻَن بُکِئا.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- کَٿِيءَ مَنجِهہ کَٽِيائِين، لوئِيءَ ۾ لَڌائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو، پَرَچِي پَنوَهارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين، سِيلُ نِباهِيين سُومَرا، پَنھِنجو…[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]