ڏِيندُمِ بابت
معنيٰ
مون کي ڏيندو، منھنجي حوالي ڪندو، ادا ڪندو، دان ڏيندو، مون کي سوپيندو.
Will give to me, donate to me, award to me, handed to me
بيتن ۽ وائين ۾
- ٿِيندو تَنَ طَبِيبُ، دارُون مُنھِنجي دَردَ جو. ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شالَ عَجِيبُ. پِرِيَنِ اَچِي ڪِئو، سَندو غورُ غَرِيبُ،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- پاڻِي سَھي نَہ پيرُ، لَهرِ نِياپو نَہ مُئي، آڻي ڏِيندُمِ ڪيرُ، سُڌِيُون سانڀارَنِ جُون.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪِتُم سَڀَ ڄمارَ، تَہ پانِي پُورِي نَہ ٿِئي، جِيئي مُون ڀَتارُ، جو ڪوٺي ڏِيندُمِ ڪَپِڙا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- نَڪو ايرُ نَہ ڀيرُ، نَڪو اوٺِي آيو، مُون وَٽِ آيو ڪو نَڪو، پَرِئان ڀَري پيرُ، ڪِتابَتُون ڪيرُ، ڏِيندُمِ ڏيھايَنِ جُون.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]