ڏِياري بابت
معنيٰ
پراڻي سنڌي عيد، ڏِيئَن واري، ڏِين جي قطار، ديپ مالا. ھندن جو هڪ وڏو ڏينھن يا ڏِڻ جنھن تي تمام گهڻي روشني ڪندا آهن، ڏِيا ٻاريندا آھن، ڏِئارِي، ديوالي.
Deewali, old Sindhi festival, old Hindu festival.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي، مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي، وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]