ڏُکَندي بابت
معنيٰ
دُکُ ۾، ڏک اندر، سورائتي، درد منديءَ ۾. مشڪلات ۾، ڏُکيائيءَ ۾.
In pain, in difficulty, while in sickness
بيتن ۽ وائين ۾
- حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحَتَ، پِيڙا نِئائُون پاڻَ سين، لاھي ڏيئِي لَتَ، سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهان ڏُکَندي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- ڪُوماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرِئامِ، واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- چاڪَ اُڀرِئا، ڪُو ماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا، ڏَيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]