ڏوراپا بابت
معنيٰ
جِهڻڪون، ڇِينڀون، ويڻ، شڪايتون، دانھون، مھڻا، طعنا، تُنڪا، ويار، اوڀالا، ميارون، گلائون.
Complains, taunts.
بيتن ۽ وائين ۾
- لِيلان لَکَڻَ پانھِنجا، سارِجِ سَڀَيئِي، وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي، نَہ ڄاڻان ڪيھِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- اوڏا جانۡ ھُئا، تانۡ ٿِي نِتُ نِياپا آيا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا، تَنِي ڏُونھِن ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- چائُرَ جٖي چَکَنِ، ڏِجَنِ ڏوراپا تَنِ کي، سَرَتِنِ جا سَرِيرَ ۾، دُونھان ٿا دُکَنِ، ھِڪُ ڏُکويَسِ ڏُکَنِ، ٻِئو مارُو ڄامُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]