ڏوراپا جي سنڌي معنيٰ
جِهڻڪون، ڇِينڀون، ويڻ، شڪايتون، دانھون، مھڻا، طعنا، تُنڪا، ويار، اوڀالا، ميارون، گلائون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Complains, taunts.
ڏوراپا جا بيتن ۾ حوالا
لِيلان لَکَڻَ پانھِنجا، سارِجِ سَڀَيئِي،
وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 1 ]
وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 1 ]
اوڏا جانۡ ھُئا، تانۡ ٿِي نِتُ نِياپا آيا،
مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا،
تَنِي ڏُونھِن ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 12 ]
مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا،
تَنِي ڏُونھِن ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 12 ]
چائُرَ جٖي چَکَنِ، ڏِجَنِ ڏوراپا تَنِ کي،
سَرَتِنِ جا سَرِيرَ ۾، دُونھان ٿا دُکَنِ،
ھِڪُ ڏُکويَسِ ڏُکَنِ، ٻِئو مارُو ڄامُ نَہ وِسِري.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 17 ]
سَرَتِنِ جا سَرِيرَ ۾، دُونھان ٿا دُکَنِ،
ھِڪُ ڏُکويَسِ ڏُکَنِ، ٻِئو مارُو ڄامُ نَہ وِسِري.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 17 ]
English Meaning
Complains, taunts.