ڏائو بابت
معنيٰ
کٻو، کاٻو، ڏاٻو. کٻي پاسي وارو، کٻو پاسو. اُبتو، ڏِنگو. کاٻي پاسي کان ٻوليندڙ تِترُ (جيڪو خراب سئوڻ ليکيو ويندو آھي.)
Left handed, left. A Perdicinae who tweet from left side which is treated as bad sign.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو، تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو، جَڏھِن ڄامُ پُنهون ڄائو،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي مَ ٿِئي مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو، رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڏائو چَڙِهئو ڏارَ تي، زاغُ ڪَري زارِيُون، آڻِئو آتَڻَ وِچَ ۾، ڏي سَنِيھا سارِيُون، ماٺِ ڪَرِئو مارِيُون، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان…[ سُر پورب - ڪانگ ]