ڌُوڌا بابت
معنيٰ
سخت تاوَ وارا وڏا مچ، وڏا تيز مچ.
Furnaces, big bonefires, fire.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ، ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڌُوڌا تُون نَہ ڌَئِين، آڳِ اوڏو ئِي نَہ وَڃين، اُلا جي عِشقَ جا، سي تان تُون نَہ سَھِين، اَڃا ٿو…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ، مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- جوڳِي وِئا جا مير، مَڙِيَنِئُون مُنھَن پآيان، ٻِئا پوڄِيندِينءَ ڪيرِ، ڌُوڌاڻِي ڌُوپُ ڌَري.[ سُر پورب - جوڳي ]