چيٺي بابت
معنيٰ
ملم ڪري، زخمن جو علاج ڪري، ملم پٽي ڪري. خبرداري ڪري، سنڀال لھي. تِيمارداري ڪري، خدمت ڪري. ڌيان ڏيئي يا ڪري، خيال ڪري.
Dressing and bandaging, nursing care and attendance of patient.

بيتن ۽ وائين ۾
- اَگها ئِي سَگها ٿِئا، جٖي ويٺا وَٽِ ويڄَنِ، تَرسِي طَبِيبَنِ، چيٺي ھُوندَ چَڱا ڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- وَڻِجارا ويٺي، تو نَہ سَرَندِي شاھَ ري، مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي، پاسا پاکَڙِينَن جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي، جٖي…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ٿِي ڏِيارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَري، مَکِئو پَنھِنجِي مَڪُڙِي، چيٺي چَڱيءَ چيٺِ، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جان ڪي جَهِليان…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]