چوڏِسِ بابت
معنيٰ
دَسي چنڊ جي چوڏهين رات، پُورَن ماسِي. چنڊ جي ڦوھ جواني.
The fourteenth day of the lunar fortnight.

بيتن ۽ وائين ۾
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چاءِ پَئِي، ھِندُو حَيرَتَ ۾ پِئا، لالِي ڪِي لَبَنِ، چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِيئَن، وِڄَڙِيُوِنَ وِھسَنِ،…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو، راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ، سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ، راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ، چوڏِسِ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]