چورُ بابت
معنيٰ
چوري ڪندڙ، پرائي شيءِ لِڪِي ڇُپِي کڻي وڃڻ وارو. چوراٽيو. ڪاٽِڪُو، ڳُجهہ ڳوھَ ۾ پرائي شيءِ کڻي وڃڻ وارو.
A thief, robber.
بيتن ۽ وائين ۾
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِجِ چورُ، قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ، ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- چورُ اُڀو اِيئَن چوءِ، آئُون اُھوئِي آھِيان، جَي اَسِي اَکِيُنِ ھوءِ، تَہ لِڪي کي ڪو نَہ لَھي.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ، جَنِي سَندي سَڏِ، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ پاڙي، جَنِي جي واڙي، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين گهارِ، جَنِي سَندِيءَ واڙِ، چورُ نَہ اَچي ڪَڏِھِين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ رَھُ سَنگهارَنِ سيڙِھي، جَنِي جي ڪِيري، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- اَللہُ سُڃاڻَڻُ سُٿِرو، جي ھِنيُون ڇَڏيئِي ھورُ، تَہ ڪِرپا ٿِييئِي ڪَکَنِ ۾، ڪونَہ ڪوٺِيئِي چورُ،[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]