چاھُ بابت
معنيٰ
خواهش، تمنا، سَڌَ، اِڇا. پيار، محبت، مرضي، ارادو. دلچسپي، شوق. سِڪَ. خوشي، پيار.
Desire, fondness for, inclination. Love, affection.
بيتن ۽ وائين ۾
- جيڏاھَن چِتَ چاھُ گهَڻو، آرُ پِہ اوڏاھِين، وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين، ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي، اَڄُ آرِياڻِي آءُ، چُڪِيءَ تو سين چاھُ، پاسي ڀَرِ پيئِي رِڙِھي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- پَکِي تَنھِن پُڄايا، جَنھِن ۾ ساھُ نَہ ماھُ، مَنجِهہ ڪَرنگهَرُ ڪاٺَ جو، مَٿي پَکَنۡ چاھُ، ويچارَنِ ويساھُ، مَٿي پَکَنۡ آيو.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]