ڀِيڙَ بابت
معنيٰ
ڀِڪوڙ، چِپ، دَٻَ. سوڙه، گهُٽَ. مَروڙ، نِپُوڙ. آپدا. تڪليف، تنگي، سختي، مشڪلات. ماڻهن جو هجوم، ميڙ، گپا گيھ. سَٽَ، ڪاھَ.
A crowd, multitude. Trouble, difficulty, pressure. Squeezing with the fingers the limbs in shampooing.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَھَڻَ پُرياڌي پَٻَ جا، جَبَلَ جِتِ جاڏا، توڏَنِ جا تَڙَ ڀِيڙَ ۾، کُپَنِ مَ کاڏا، اَچَنِ جي آڏا، لَڪَ سَوَلا…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندي ڏيھَ تي، توڏَنِ جُون تَڙَ ڀِيڙَ ۾، تَرِيُون تَرٽِجَنِ تان مَ، اوٺِيئَڙا آرامَ، لَنگهي پَٻُ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ لانگوٽِيءَ لِيڙَ، جيڏانھَن ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]