ڀِيڙَ جي سنڌي معنيٰ
ڀِڪوڙ، چِپ، دَٻَ. سوڙه، گهُٽَ. مَروڙ، نِپُوڙ. آپدا. تڪليف، تنگي، سختي، مشڪلات. ماڻهن جو هجوم، ميڙ، گپا گيھ. سَٽَ، ڪاھَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A crowd, multitude. Trouble, difficulty, pressure. Squeezing with the fingers the limbs in shampooing.
ڀِيڙَ جا بيتن ۾ حوالا
پَھَڻَ پُرياڌي پَٻَ جا، جَبَلَ جِتِ جاڏا،
توڏَنِ جا تَڙَ ڀِيڙَ ۾، کُپَنِ مَ کاڏا،
اَچَنِ جي آڏا، لَڪَ سَوَلا لَنگهِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 15 ]
توڏَنِ جا تَڙَ ڀِيڙَ ۾، کُپَنِ مَ کاڏا،
اَچَنِ جي آڏا، لَڪَ سَوَلا لَنگهِيان.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 15 ]
نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ لانگوٽِيءَ لِيڙَ،
جيڏانھَن ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 3 ]
جيڏانھَن ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 3 ]
گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندي ڏيھَ تي،
توڏَنِ جُون تَڙَ ڀِيڙَ ۾، تَرِيُون تَرٽِجَنِ تان مَ،
اوٺِيئَڙا آرامَ، لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 13 ]