ڀُڄُ بابت
معنيٰ
ڀُڄُ، ڪڇ جو مکيہ شھر ۽ گاديءَ جو ھنڌ (جو چون ٿا تہ ڪڇ جي راجا راءِ کنگهار ١٥٤٨ع ۾ ٻڌايو؛ ڏند ڪٿا موجب مٿس اھو نالو انهيءَ ڪري پيو جو ڀُجيہ (ڀُجَنگ) يعني ”نانگ ديوتا“ کي ارپن ٿيل آهي).
Bhuj, a Municipality and District Headquarters of Kutch District in the state of Gujarat, India.

بيتن ۽ وائين ۾
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]