پَڙاڏو بابت
معنيٰ
اهو آواز جو موٽي ٻڌجي. سڏ جو آواز جو ڪنھن آڏ سان ٽڪرجڻ کان پوءِ موٽي ٻڌڻ ۾ اچي ، گونج. پڙلاءُ. آواز. صدا. اعلان.
Echo, reverb
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين، ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ، سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ، عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]