پَڌِرا بابت
معنيٰ
ظاهر، کُليا، عيان، چِٽا، صاف. مشھور، آشڪار
Noted, notorious, well known, public, manifest, plain, obvious, openly.
بيتن ۽ وائين ۾
- وانٽِيُون ٿِيُون وَڙِڪَنِ، اَڃا سِڙَه نَہ پَڌِرا، سيئِي ٿِيُون مَرِڪَنِ، جَنِي سَندا آيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- اَڻَ ڏُکويُون ڏُکِيُنِ جي،ڪوھُ ٿِيُون پَٿَرِ پُونِ، ناھِ اَرتو اَکِيين، لوڪَڙِيارُون رُونِ، جي ڀَنَڻَ ڀيڙِيُون ھُونِ، پارَ تَنِي جا پَڌِرا.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏِٺو جَنِ ھيڪارَ، آرِياڻِي اَکِيُنِ سان، وِئو تَنِ نَہ وِسَرِي، ٻاروچو ٻِيهارَ، تَنِي سَندا پارَ، پِٽَڻَ ۾ پَڌِرا.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- جِتي ٿِيندا پَڌِرا، واعِدا ۽ وَعِيدَ، سُڻِجِ سَڏَ سَعِيدَ، لِلہِ لَڳِ لَطِيفَ جا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ڳَرِيُنِ مَ ڳَرَھيجِ، روئِي ڪِجِ مَ پَڌِرا، تان سُوراڻِي سَھيجِ، جانۡ لاھِيندڙُ ڪو لَھين.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]