پَرُوڙَ بابت
معنيٰ
ڄاڻَ، سمجهَہ، پرکَ. پڇاڻ. سڃاڻپ.
Understanding, opinion, information.
بيتن ۽ وائين ۾
- پيئِي جَنِ پَرُوڙَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي، ڇَڏي سي ضَرُورَ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- ڪِيَمِ ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِھرِيين ڏِينھِن پَرُوڙَ، سَگها ساٿَ نَہ ھيڪَڙِي، چارَئِي پَھَرَ چُورَ، سَدائِين سَيِّدُ چئَي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ٻولِي ٻُجهارَتَ، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جِي، ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو ھَلَڻُ ۾ حَيرَتَ، عَجَبُ عِبادَتَ، پَھُ پَرُوڙَڻُ اُنِ جو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- ڪائِنَ بائِنَ ڪاپَڙِي، پَرُوڙَڻُ پَري، صُحبَتَ سامِيَڙَنِ جي، سَچِي شالَ سَري، اَندَرَ دُزدُ مَري، تَہ حاصِلُ تو حاجَ ٿِيي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- سَڄَڻَ سَنيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي ڏِنگِيُون، سَندِي سُپَيرِيَن، پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکِڙو.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]