پاھُون بابت
معنيٰ
پٺيان، پوئتي، پٺتي. ”آڳاهون“ جو ضد.
Back, backward
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ، اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين ٻاھُون، ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪِيُون، وِچِ دَرياھَ دانھُون، موٽُ مُحِبَ پاھُون، تاڪُنِ تَڪِي آھِيان.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون، مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون، سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آئُون، چِيٽا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون، موٽِجِ پُنهون پاھُون، مَڇُڻ مُحِبَ مَرِي رَھان.[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- گُلِتانَ جَھِڙِيُون گُجَرِيُون، اَرَمَ اوڍئائُون، جوٽا تيلَ ڦُليلَ سين، واسِينگَ ويڙھِئائُون، سُتِي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، رَڻُو رانيائُون، سو موٽِي ڪِيئَن…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]